اظهار سومرو

اظهار سومرو

اظهار سومرو

اظهار سومرو: مشھور صحافي، تعليمدان، سماجي ورڪر ۽ شاعر اظھار سومري جو پورو نالو اظھار رسول ولد افتخار رسول سومرو آهي. سندس جنم 4 اپريل 1973ع تي شڪارپور شھر ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (پرڏيھي تعلقات) آهي. استاد جي حيثيت ۾ ’دي سٽي اسڪول‘ ۽ اينگرو ڪيميڪل گرامر اسڪول ڏهرڪيءَ ۾ ڪيتري عرصي تائين او ليول جي تعليم ڏيندو رهيو. هن وقت الائيڊ اسڪول حيدرآباد ڪيمپس ۾ 2011ع کان ڊائريڪٽر طور ذميواريون سنڀالي رھيوآهي. هن صحافت جي شروعات ”آفتاب“ اخبار ۾ ادبي صفحي جي انچارج طور ڪئي. هو ’عبرت مئگزين‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سنڌي ميڊيا کان پوءِ اردو ميڊيا جي اداري ’ايڪسپريس‘ جي اردو اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ حيدرآباد جي بيورو چيف طور ڪجهھ وقت ذميواريون نڀايون. جڏھن تھ مھراڻ ٽي وي ۾ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز پڻ رھيو. اظھار سومرو روزاني ’فيصلو‘ اخبار جو ايڊيٽر به رهيو. ان کانپوءِ روزاني ’طلوع‘، روزاني ’جيجل‘ ۽ روزاني ’سگههاخبار جو ايڊيٽر پڻ رھيو. ادب جي دنيا ۾ گذريل ٽن ڏھاڪن کان سندس شاعري، ڪھاڻيون، سفرناما ۽ مضمون شايع ٿيندا رھن ٿا. مختلف سماجي، سياسي، عالمي مسئلن تي سوين اخباري مضمون بھ لکي چڪو آهي. ان کان سواءِ او ليول اسلاميات لاءِ ھڪ ورڪ بڪ پڻ لکيو اٿس. ھن 2015 ۾ پنھنجي نوعيت جو اھم علمي، ادبي ميلو حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول، اپل جي پليٽ فارم تان شروع ڪيو، جيڪو هر سال باقاعدگي سان ٿئي ٿو. پاڻ شاعر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.04.04  عيسوي

صحافي ۽ شاعر اظهار سومري جو پورو نالو اظهار رسول ولد افتخار رسول سومرو آهي. سندس جنم 4 اپريل 1973ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جعفر ميمڻ
جمال الدين لانگاهه
شبير تابش
صلاح الدين مولانا
ٽانوري محمد عثمان
الهورايو بوزدار
شيخ نظر محمد بسمل
آصف جيلاني
رياض حسين ميمڻ
امام علي ڏيٿو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون